بالي ووڊ کي غلام، راز ۽ 1920 سيريز سميت ڪيتريون وڏيون فلمون ڏيندڙ فلمساز کي شهرت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ کي غلام، راز سيريز  ۽ 1920 سيريز سميت  ڪيتريون وڏيون فلمون ڏيندڙ فلمساز وڪرم بٽ  چيو ته  ان کي شهرت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. ڀارتي ميڊِيا جي مطابق  وڪرم بٽ پنهنجي تازي گفتگو ۾ چيو ته  حقيقت آهي ته  باليووڊ  ان کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي، هن  چيو ته جڏهن توهان مشهور ٿيندا آهيو ته  توهان جي هر حرڪت تي ميڊيا جي نظر هوندي آهي.  وڪرم بٽ چيو ته ميڊيا ان جي خبرن  جي ڪري ان جي زال اديتي جيڪا  هن ننڍپڻ جي دوست هئي طلاق ورتي آهي ۽  ڌيءُ ڪرشنا جي به نگراني حاصل ڪري ورتي.  هن چيو ته اڄ  هو ڪامياب آهي پر اڪيلو آهي ۽ هاڻي صرف  ڪم تي توجه  جو مرڪز بڻيل آهي. جلدي ئي نئين فلم پروجيڪٽ جو اعلان ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *