بالي ووڊ مان هڪ فلم جي آڇ ٿي پر بولڊ منظرن سبب انڪار ڪري ڇڏيو: عروهه حسين

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا عروهه حسين چيو آهي ته کيس بالي ووڊ مان هڪ فلم جي آڇ ٿي هئي پر بولڊ منظرن سبب هن انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جا ڪجهه اخلاقي قدر آهن،جن جي پاسداري ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هڪ انٽرويو ۾ عروهه حسين چيو ته منهنجي پهرين فلم کي جهڙِي ريت باڪس آفيس تي ريسپانس مليو، ان منهنجو حوصلو وڌايو، جنهن ۾ منهنجي ڪارڪردگي ڏسي ٻين ٻن فلمن ملڪ ۽ ٽو پلس ٽو ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو،سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ سڀ کان اهم ڪردار ۽ ٽيم هوندي آهي، ان ڪري هر آڇ قبول ناهيان ڪندي، عروهه چيو ته اداڪارا ۽ ماڊل طور مونکي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي، ان مان مطمئن آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي وي ڊرامن ۽ ماڊلنگ سبب ته ماڻهو کيس سڃاڻندا هئا پر فلمن کانپوءِ ان ۾ واڌ آئي آهي، عروهه حسين چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو ها ڻ ساڳئي قسم جون فلمون ڏسڻ نه ٿا چاهين ، جنهنن سان فلمساز به مختلف موضوعن تي فلمون ٺاهي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *