بالي ووڊ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي ويئي آهي. ڀارتي سڌ ماءَ وارن ذريعن موجب فلمساز ڪرن جوهن جي نئين فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ جي پهرين جهلڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ ٽي ڪپور ڀائر انيل، بوني ۽ سنجي پنهنجي پٽن سان گڏ نظر اچي رهيا آهن. فلم جي ڪاسٽ ۾ رشي ڪپور، سڌارٿ ملهوترا ۽ پاڪستاني اداڪار فواد خان شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *