بالي ووڊ فلم ”وزير“ جي خاص اسڪريننگ، اميتاب بچن، سندس زال جيا بچن، ڌيءَ شويتا ۽ فلم جي ڪاسٽ شرڪت ڪئي

ممبئي (اي پي پي) بالي ووڊ جي نئين فلم ”وزير“ جي خاص اسڪريننگ ڪئي وئي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب فلمساز ونود چوپڙا جنهن راجڪمار هيراني سان گڏجي فلم ”وزير“ پروڊيوس ڪئي آهي. فلم جي ڪاسٽ ۽ بچن فيملي لاءِ خاص اسڪريننگ منعقد ڪئي. ان موقعي تي اميتاب بچن، سندس زال جيا بچن ۽ ڌيءَ شويتا ۽ فلم جي ڪاسٽ شرڪت ڪئي. بعد ۾ اميتاب بچن ونود چوپڙا کي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته جڏهن فلم ختم ٿي ته سندس فيملي طرفان تاڙيون وڄائي ان جي ساراهه ڪئي وئي. ڄاڻايل فلم 8 جنوري تي رليز ٿيندي. فلم ۾ اميتاب بچن، فرحان اختر، اديتيار رائو حيدري ۽ اجن ابراهم مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *