بالي ووڊ فلم سرڪار ٿري 14 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار اميتاب بچن پنهنجي فلم سرڪار ٿري سان گڏ پنهنجي اينگري ينگ مين لڪ ۾ واپس اچي ويو آهي اداڪار جي فلم سرڪار 2005 ۾ رليز ٿي هئي ان جو ٻيو حصو 2008 ۾ سرڪار راج جي نالي سان رليز ٿيو جڏهن ته ان فلم جو ٽيون حصو هلندڙ سال 14 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو فلم ۾ اميتاب بچن سان اداڪاره اميت سيد جيڪي شروف ونوج باجپائي ۽ يامي گوتم اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا اميتاب بچن ۽ جيڪي شروف جي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي نئين فلم جي ٽريلر کي مداحن سان شيئر ڪيو ياد رهي ته فلم سرڪار ۾ اداڪار ڪي ڪي کي اميتاب بچن جو پٽ ڏيکاريو ويو هو جنهن کي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته سرڪار راج ۾ اميتاب بچن جي ٻئي پٽ جو قتل ٿيو هو. جنهن کي ان جي پنهنجي پٽ ابيشڪ بچن ادا ڪيو هو. فلم سرڪار ٿري سرڪار راج جي رليز جي 9 سالن کان پوءِ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *