بالي ووڊ جي “ڊمپل گرل” دپيڪا 32 ورهين جي ٿي وئي

بالي ووڊ جي ”ڊمپل گرل“ ۽ هاڻي ”ڊريم گرل“ سڏرائيندڙ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون اڄ پنهنجو 32 هون جنم ڏڻ ملهائي رهي آهي. دپيڪا پڊوڪون 56 جنوري 1986ع تي ميدا ٿي، سندس پيءُ پرڪاش پڊوڪون اڳوڻو بيڊمينٽن رانديگر هو جنهن جي ڪري دپيڪا پڊوڪون به قومي سطح تي بيڊمنٽن کيڏڻ جو آغاز ڪيو. جنهن کانپوءِ هن 2006ع ۾ بالي ووڊ فلم نگري ڏانهن وک وڌائي ۽ تيلگو فلم سان اداڪاري جو آغاز ڪيو. دپيڪا فلم ”اوم شانتي اوم“ سان هندي فلمن ۾ ڊيبيو ڪيو، جنهن ۾ هن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪيو. ”اوم شانتي اوم“ کانپوءِ دپيڪا پڊوڪون پنهنجون ڪاميابيون مڃرايون، جنهن کانپوءِ اڄ هو بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن جي لسٽ ۾ شامل آهي. دپيڪا ڪيترائي ايوارڊز پنهنجي نالي ڪيا، جن ۾ فلم فيئر ايوارڊ ۽ آئيفا ايوارڊ پڻ شامل آهن. دپيڪا پڊوڪون ڀارت بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکارڻ سان گڏوگڏ هالي ووڊ ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکاري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *