بالي ووڊ اسٽار اديتي رائو اڀيشيڪ ڪپور جي نئين فلم ”فتور“ ۾ اداڪارا ريکا جي جوانيءَ جو ڪردار نڀائيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار اديتي رائو حيدري ڊائريڪٽر اڀيشيڪ ڪپور جي نئين فلم ”فتور“ ۾ اداڪارا ريکا جي جوانيءَ جو ڪردار نڀائيندي، ان فلم جو مرڪزي خيال چارلس ڊڪسن جي ناول ”Great Expectations“ کان ورتو ويو آهي جنهن ۾ ينگ مس هويشام (ريکا) جو ڪردار اديتي رائو حيدري ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ۽ اداڪارا ۾ مامرا طئه ٿي ويا آهن، جڏهن ته ريکا جي وڏي عمر وارو ڪردار ريکا پاڻ ادا ڪندي، مس هويشام جو ايلڊرورزن ڪنهن ٻيءَ جو ناهي پر سدا بهار اداڪارا ريکا جو ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *