بالي ووڊ اداڪار ششي ڪپور کي دادا صاحب پالڪي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو

ممبي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جون مشهور فلمون ڏيڻ وارو اداڪار  ششي ڪپور کي دادا صاحب پالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان موقعي تي ڀارتي فلم انڊسٽري جا ڪيترائي سپر اسٽار پڻ انهي تقريب ۾ موجود هئا. تقريب ۾ اميتاڀ بچن، آشا ڀوسلي، ريکا ۽ ڪپور خاندان جا ڪيترائي نامور فنڪار پڻ هن تقريب ۾  هئا. ششي ڪپور کي اهو ايوارڊ وزير ارون جيٺلي ڏنو. شيشي ڪپور 100 کان وڌيڪ هندي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس مشهور فلمن ۾ نمڪ حلال، ديوار، ڪبهي ڪبهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون بالي ووڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو. فلمي دنيا ۾ اداڪاره ريکا، شرميلا ٽيگور ۽ زينت امان سان ششي ڪپور سان جوڙي وڏي مقبول هوندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *