بالي ووڊ اداڪار سجي دت کي پيرول تي جيل مان 30 ڏينهن لاءِ آزادي ملي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي پيرول تي جيل مان 30 ڏينهن لاءِ آزادي ملي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق سنجي دت هلندڙ سال جون ۾ پنهنجي ننڍي ڌيءَ اقرار جي بيماري کي سبب ڄاڻائيندي پيرول تي آزادي لاءِ عدالت کي درخواست ڏني هئي. پيرول تي آزادي ملڻ کان پوءِ سنجي دت (اڄ) خميس ڏينهن تي گهر پهچندو. ذريعن مطابق اداڪار کي وڌيڪ 60 ڏينهن لاءِ پيرول ۾ توسيع حاصل ڪرڻ جو حق آهي. سنجي دت کي جنوري 2014ع ۾ پڻ 3 مهينن لاءِ پيرول تي آزادي ملي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *