بالي ووڊ اداڪار اندر ڪمار ۴۳ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي(شوبر نيوز ) بالي ووڊ جو ناليوارو اداڪار ۽ سلمان خان جو گهرو دوست اندر ڪمار اچانڪ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، اندر ڪمار جي عمر ۴۳ سال هئي، ڀارتي ميڊيا موجب اندر ڪمار گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بلي جي عارضي ۾ مبتلا هو، گذريل رات ممبئي ۾ هو پنهنجي رهائشگاهه تي موجود هو ته ان کي اچانڪ دل ۾ تڪليف ٿي، جنهن جي هن شڪايت ڪئي ته ان کي وارث اپستال کڻي ويا، جڏهن ته هن اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو، اندر ڪمار جي ڳڻپ ۹۰ جي ڏهاڪي ۾ مقبول اداڪارن ۾ ٿيندي هئي، هو ۲۰ کان وڌيڪ فلمون ڪري چُڪو هو، بالي ووڊ ۾ سلمان ۽ اندر ڪمار جي دوستيءَ جا چرچا وڏا مشهور هئا، ٻنهي ۾ ايتري ته سٺي دوستي هئي جو سلمان پنهنجي فلم ۾ اندر کي ضرور شامل ڪندو هو، اندر جي اچانڪ موت تي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *