بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور 4 سالن کانپوءِ فلم انڊسٽري ۾ واپس

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ تي هڪ ڏهاڪي تائين راڄ ڪندڙ خوبصورت اداڪارا ڪرشما ڪپور 4 سالن کانپوءِ فلم انڊسٽري ۾ آئيٽم سانگ ذريعي واپس اچي رهي آهي.بالي ووڊ اداڪارا ڪرشام ڪپور جو نالو فلم انڊسٽريءَ جي انهن نالن ۾ شامل ٿئي ٿو جيڪي هڪ کان ٻن ڏهاڪن تائين فلم نگري ۾ راڄ ڪندا رهيا آهن. 1990 ع کان 2000 ع تائين فلمن جي دنيا ۾ پاڻ مڃرائيندڙ ڪرشما ڪپور 2004ع ۾ شادي کانپوءِ فلمي دنيا کان پاسرو ٿي وئي هئي.جنهن کانپوءِ 2012ع ۾ فلم “ڊينجرس عشق” سان واپس آئي،پر فلم جي  چاهه رکندڙن کي متاثر نه ڪري سگهي.جڏهن ته 4 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آئيٽم سانگ ذريعي واپس اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *