بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور زندگي جون 30 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي زندگي جون 30 بهارون ڏسي ورتيون آهن ۽ اڄ هوءَ پنهنجي سالگره ملهائي رهي آهي، 09 جون 1985ع تي بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور جي گهر ۾ اک کوليندڙ سونم ڪپور پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2007ع ۾ سنجي ليلا ڀينسالي جي رومانٽڪ فلم سانوريا ذريعي ڪئي، جنهن ۾ سندس هيرو رنبير ڪپور هو،ان کانپوءِ سونم دهلي 6، آءِ هيٽ لو اسٽوريز، عائشا، ٿينڪ يو، موسم، پليئرز، بمبئي ٽاڪيز، رانجهنا، ڀاگ ملکا ڀاگ، بيوقوفيان، خوبصورت ۽ ڊالي ڪي ڊولي جهڙيون فلمون ڏئي چڪي آهي، سونم ڪپور هن وقت لنڊن ۾ آهي، سندس ڀيڻ ننڍي به ساڻس گڏ آهي، جتي هوءَ فلمي دنيا کان 10 ڏينهن جي موڪل وٺي سالگره کي يادگار بڻائڻ چاهي ٿي، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سونم ڪپور چيو ته هتي لنڊن ۾ منهنجا ڪيترائي اسڪولي دوست آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا دوست به يورپ ۾ موڪلون ملهائڻ پهتل آهن،مان هتان فلورينس، اٽلي، ايمسٽرڊم ۽ نيڌرلينڊس به وينديس. هن ٻڌايو ته سندس ڪٽنب مان رڳو ننڍي ڀيڻ ريها ڪپور ساڻس گڏ آهي، بابا ( انيل ڪپور) پنهنجي فلم دل ڌڙڪني دو جي رليز سبب ممبئي ۾ آهي ۽ امڙ سنيتا ڪپور به ان سان گڏ آهي.پنهنجي ايندڙ پلان بابت سونم جو چوڻ هو ته مان هاڻ پنهنجي صحت بابت ڪجهه وڌيڪ سوچڻ چاهيان ٿي، ان سان گڏ سٺو ڪم ڪرڻ به چاهيان ٿي، مان ڪافي سماجي ڪم به ڪيو آهي پر اڃا به ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي خواهش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *