بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون ڊپريشن کي هڪ اهم بيماري قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون ڊپريشن کي هڪ اهم بيماري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، ماضي ۾ ڊپريشن يا ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندڙ اداڪارا چيو ته اهو مسئلو تمام حساس آهي جيڪو هاڻي سموري ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي. هن چيو ته جڏهن هو ڊپريشن جو شڪار ٿي هئي ته کيس احساس ٿيو ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آهي. ان حوالي سان هن ٽوئيٽر تي ڊپريشن خلاف ادارو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان جو نالو ”لِو لُو لاف“ ڊپريشن خلاف فائونڊيشن جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هو ان کي جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو ارادو رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *