بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا ڪردار نه ملڻ سبب هاڻ هدايتڪاري ذريعي شوق پورو ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ديا مرزا چيو آهي ته مان ايندڙ سال فلم جون هدايتون ڏينديس، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي فلم جي هدايتن ۾ دلچسپي آهي، مان ايندڙ سال فلم جون هدايتون ڏينديس، هن چيو ته مان ان حوالي سان ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، ۽ منفرد ڪهاڻي جي ڳولا ۾ آهيان، سندس چوڻ هو ته مان اڃا اهو فيصلوناهي ڪيو ته ان فلم ۾ مان ڪم ڪنديس يا نه ، هن چيو ته مان پروڊڪشن تي ڌيان ڏئي رهي آهيان، ديا مرزا چيو ته مان اهو چونديس ته ڊائريڪشن هجي يا پروڊڪشن ، اهو آسان ڪم ناهي، اداڪارا جو چوڻ هو ته پروڊڪشن ۾ رڏل هجڻ سبب مان ٻيا ڪم نه ڪري رهي هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *