بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن هڪ ڀيرو وري فلمي دنيا ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ تيار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن هڪ ڀيرو وري فلمي دنيا ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. بالي ووڊ جي هڪ مشهور مئگزين تي ايشوريا جو ڪور فوٽو چاهيندڙن کي وڻي ويو آهي، جڏهن ته سندس نئين فلم جذبا جو ٽريلر به هلندڙ مهيني رليز ٿيندو . ڀارتي مئگزين برائيڊ جي ڪور تي سهڻي ويس ۾ ايشوريا راءِ جي خوبصورتي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. واضع رهي ته ايشوريا راءِ ڌيءُ جي ڄمڻ کانپوءِ فلمي دنيا کان مڪمل طور تي پاسيري ٿي وئي هئي. ماءُ بڻجڻ کانپوءِ جذبا سندس پهرين فلم آهي، جنهن جي شوٽنگ به آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *