باليووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان کي تازو ئي ساره علي خان جي گهر ٻاهران ڏٺو ويو

باليووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان کي تازو ئي ساره علي خان جي گهر ٻاهران ڏٺو ويو، جنهن دوران هو ڪيمرا کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. خبرن موجب ڪيمرا ڏسي ڪارتڪ چهرو لڪائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. ان آئوٽنگ دوران باليووڊ اداڪار ڪاري رنگ جو ٽريڪ سوٽ پهري رکيو هو. ڪارتڪ جون اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهن. اڀرندڙ اداڪار ڪاترڪ آريان انهن ڏينهن کان ”ٽاڪ آف دي ٽائون“ بڻيل آهي، جڏهن کان باليووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان ڪافي ود ڪرن شو دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪارتڪ آريان کي ڊيٽ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 41

ڪرڻ چاهي ٿي. انڪري ساره علي خان ۽ ڪارتڪ آريان سدائين خبرن جي زينت بڻيل رهندا آهن پر ڪارتڪ جو چوڻ آهي ته هو اڃا سنگل آهي پر جوڙي ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *