باغي ۾ ايڪشن منظر ڪندي ڌاڍو مزو آيو، اها منهنجي يادگار فلم رهندي: شرڌا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته جڏهن کيس فلم باغي جي آڇ ٿي ته کيس اميد هئي ته ان ۾ کيس ايڪشن منظر به ڏنا ويندا،مونکي خوشي آهي ته اهڙو موقعو ملي ويو ته جيئن مان ڪجهه نئون ڪري سگهان. هڪ انٽرويو ۾ 27 ورهين جي شرڌا ڪپور چيو ته مان ايڪشن منظر فلمائڻ وقت تمام گهڻو جوش ۾ هيس ۽ جڏهن اهڙِي ايڪشن فلم ۾ ٽايگر شيروف توهان سان گڏ هجي ته ان کان ايڪشن منظرن جا گر سکڻ لازمي ٿي پوي ٿو، بهرحال مونکي ايڪشن منظر ڪندي تمام گهڻو مزو آيو، سندس چوڻ هو ته باغي ۾ هوءَ هڪ نئين روپ ۾ نظر ايندي ۽ اميد اهي ته ڏسندڙن کي اهو پسند به ايندو، هن چيو ته ايڪشن وارو تجربو زبردست رهيو، مان ان فلم ذريعي ڪافي نيون شيون سکيون ۽ ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ سدائين يادگار رهندو،  شرڌا ڪپور پنهنجي هيرو ٽائيگر جي به ساراهه ڪئي ۽ چيو ته ان جهڙو ڪير ٿي ئي نه ٿو سگهي، مان کيس اسڪول جي زماني کان سڃاڻان، جڏهن هو باسڪيٽ بال کيڏندو هو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *