باجي رائو مستاني لاءِ دپيڪا ۽ رنوير کان وڌيڪ ٻي ڪا بهترين چونڊ ٿي ئي نه پئي سگهي: پريانڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته فلم باجي رائو مستاني لاءِ دپيڪا ۽ رنوير بهترين چونڊ هئا، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پريانڪا چيو ته جيتوڻيڪ مان باجي رائو مستاني ۾ مرڪزي ڪردار ادا نه ڪري رهي آهيان، ن فلم ۾ مرڪزي ڪردارن لاءِ دپيڪا پدوڪون ۽ رنوير سنگهه کان بهترين ڪا چونڊ نه ٿي ٿي سگهي، هن چيو ته مان ٻڌو هو ته فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي سلمان ۽ ايشوريا راءِ سان فلم باجي رائو مستاني ٺاهڻ چاهي پيو پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو، هن چيو ته سلمان خان ۽ ايشوريا راءِ جو رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پدوڪون سان مقابلو ڪرڻ ڏکيو آهي، پريانڪا چيو ته منهنجي شخصيت ملڪي نه پر عالمي حيثيت واري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *