باجوڙ ايجنسي ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت

اتمانخيل  (اين اين آءِ) باجوڙ ايجنسي جي تعلقي اتمانخيل ۾ هڪ گهر تي مٽي جي چپ ڪرڻ سان فوتين جو انگ 8 ٿي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پوليٽڪل انتظاميا موجب مٽي جي ڇپ هيٺان دٻيل ماڻهو گهر ٺاهڻ لاءِ جبل تان مٽي کڻي رهيا هئا ته ان دوران جبل جو هڪ حصو انهن تي ڪري پيو، واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪاررواين دوران 6 ڇوڪرين، هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت جو لاش ڪڍي ورتو، لينڊ سلائيڊنگ جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون، فوتين ۾ هڪ عورت، 5 ٻارڙيون ۽ هڪ ٻارڙو شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *