باجوڙ ايجنسي ۾ بم ڌماڪو، قبائلي اڳواڻ سميت 6 ماڻهو مارجي ويا

باجوڙ ايجنسي (اي پي پي) باجوڙ ايجنسي ۾ رستي تي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ قبائلي اڳواڻ ملڪ محمد جهان سميت 6 ماڻهو مارجي ويا، پوليٽيڪل انتظاميا جي عهديدار اي پي پي کي ٻڌايو ته سومرڏينهن صبح جو ايجنسي تعلقي ماموند جي علائقي بارقر ۾ رستي تي رکي بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب قبائلي اڳواڻ ملڪ محمد جان جي گاڏي جيڪا اتان گذري رهي هئي، ان کي نقصان پهتو، واقعي ۾ ملڪ محمد جان سميت 6 ماڻهو مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *