بابر کي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ گهرجي: جاويد جو پي سي بي کي مشورو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي بعد ڪوچنگ اسٽاف جي تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٽيسٽڪرڪيٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ لاءِ به ڌار ڌار ڪپتان مقرر ڪرڻ جون تجزيزون غور هيٺ آهن. پاڪستان ڪريڪٽ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ نه پهچڻ کي رانديگرن جي ڪارڪدگي کي قرار ڏنو پيو وڃي، اڳوڻي ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي صلاح ڏني آهي ته بابر اعظم ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ بهترين آپشن آهي، جنهن جي مقرري تي غور ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڪپتان سرفراز احمد اڳ ئي چئي چڪو آهي ته هو پاڻ ڪپتاني نه ڇڏيندو، هن چيو هو ته کين ڪپتان بورڊ بڻايو آهي، هٽائڻ جو فيصلو به اهو ئي ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *