بابر اعظم پهريون ڀيرو ٽاپ 10 ٽيسٽ بيٽسمينن ۾ شامل

 

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب بابر اعظم پهريون ڀيرو ٽاپ 10 بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو آهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان جاري ڪيل رانديگرن جي تازي رينڪنگ موجب بيٽسمينن ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ ٻئي، نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن ٽئين، ڀارت جو چيتيشور پوجارا چوٿين، آسٽريليا جو مارنوس لبوشين 3 درجا ترقي سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.ٽاپ 10 بيٽسمينن جي فهرست ۾ تازو سريلنڪا خلاف راولپنڊي ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستان جو بابر اعظم نائين نمبر تي پهچي ويو آهي.ٽيسٽ فارميٽ جي 10 بهترين بالرن ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *