باباءِ قوم جي 138 هين سالگرهه وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش وارو ڏينهن اڄ ملهايو پيو ويو ان موقعي تي پوري ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون برصغير جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيندڙ ۽ اقبال جي خوابن جي تعبير لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندڙ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ملهائي وئي، 25 ڊسمبر 1876 تي ڪراچي جي وزير مينشن ۾ محمد علي جناح اک کولي ته ڪنهن کي خبر هئي ته هي عظيم انسان اڳتي هلي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ٻيڙو پار ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، 1896ع ۾ قائد اعظممحمد علي جناح سياسي زندگي جي شروعات ڪندي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ باقاعده شموليت اختيار ڪئي پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ان کي احساس ٿيو ته ڪانگريس صرف هندن جي پارٽي آهي جتي مسلمانن کي سٺو سلوڪ نه پيو رکيو وڃي ان ڪري 1913ع ۾ هن مسلمانن جي پارٽي واحد  پارٽي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اتان کي الڳ وطن جي باقائده تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آخرڪار ان جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي الڳ وطن جو خواب پورو ٿيو جنهن جو نالو پاڪستان رکيو ويو، آزادي کانپوءِ قائد اعظم جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي ۽ ڪيترين ئي بيمارين سان وڙهندي آخرڪار 11 سيپٽمبر 1948ع تي هي عظيم انسان هن دنيا مان هميشه لاءِ الوداع چئي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *