بائونسي پچز تي ڪينگروز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بابراعظم

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ جونيئر ۽ سينيئر جو ڳٺجوڙ آهي ۽ سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين.قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته 12 سال اڳ ان ئي اسٽيڊيم ميچ ڏسڻ لاءِ آيا، هاڻ هتي ڪپتان طور قومي ٽيم ۾ موجود آهيان، آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ جونيئرز ۽ سينيئرز جو گٺجوڙ آهي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين ۽ کتينداسين، ٽيم جي چونڊ سليڪشن ڪميٽي جو ڪم آهي.بابر اعظم چيو ته ڊوميسٽڪ ۽ جونيئر سطح تي ڪپتاني ڪئي، سينٽرل پنجاب ٽيم کي بالنگ جي ڪري شڪست ٿي، ڪپتاني جي ڪري ذميواري وڌي وئي، صلاحيتن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ انفرادي ڪارڪردگي جو گراف ناهي پنهنجي ۽ ٽيم جي پرفارمنس ٻنهي تي توجهه ڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *