اڻ ڄاڻ ماڻهن جا نياپا تڪليف پهچائين ٿا: مريم نفيس

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مريم نفيس ٿورڙي وقت ۾ شوبز انڊسٽري ۾ نالو ڪمايو آهي ۽ هو ٽي وي تي مددگار ڪردار نڀائيندي نظر اچي ٿي. تازو اداڪارا هراسمينٽ بابت ڳالهايو آهي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي. هن اڻ ڄاڻ ماڻهو طرفان موڪليل نياپن جو اسڪرين شاٽ ڪندي لکيو ته مان اداڪارا آهيان، پراسٽيٽيوٽ نه آهيان، ههڙن آڇن مان نگ اچي وئي آهيان ۽ مون ڪوشش ڪئي ته هنن کين ڪيئن بند ڪجي. اهڙيون شيون ذهني صحت کي نقصان پهچائين ٿيون، ماڻهو جڏهن مون کي اهڙو سمجهن ٿا ته پريشاني ٿئي ٿي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هن وڌيڪ لکيو ته مان وڪري لاءِ نه آهيان. اداڪارا مريم جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي ارمينا لکيو ته ڪجهه وقت اهڙي ئي قسم جي هڪ شخص کيس به نياپا موڪليا هئا. ٻئي پاسي اداڪارا حنا بيات مريم جي حمايت ڪندي سندس بهادري جي ساراههه ڪئي. هن لکيو ته اهو هنن ماڻهن جو مسئلو آهي، توهان جو مسئلو ناهي، اوهان پنهنجو پاڻ کي پريشان نه ڪريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *