اڳ ۾ اسان جو وزيراعظم نئون ايندو پوءِ آئين ۾ ترميم ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳ ۾ اسان جو وزيراعظم نئون ايندو، پوءِ آئين ۾ ترميم ٿيندي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ پيءُ آصف زرداري سان عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر سان ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، پ پ پنهنجي نظريي ۽ موقف کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، 27 ڊسمبر تي لياقت باغ مان هڪ ڀيرو ٻيهر صاف ۽ واضح پيغام ويندو. آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته عدالتي فيصلي سان اسان کي قانون سازي ۾ رهنمائي ملندي، جيئن 18هين ترميم تي به عدالتي فيصلي سان رهنمائي ملي هئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو لڳي ٿو ته وزيراعظم اپوزيشن سان اتفاق راءِ نٿو چاهي، حڪومت 3 مهينن ۾ هڪ نوٽيفڪيشن نه ٺاهي سگهي، تنهن ڪري مون کي لڳي رهيو آهي ته حڪومت 6 مهينن ۾ قانون سازي تي اپوزيشن ۾ اعتماد ۾ نه وٺي سگهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو وزيراعظم هر موقعي تي اپوزيشن جماعتن کي نشانو بڻائيندو آهي، وزيراعظم اڃا تائين ڪنٽينر تي بيٺو آهي، سندس رويي سبب ملڪ جو ۽ هر اداري جو نقصان ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري منهنجي خيال سان اڳ ۾ اسان جو وزيراعظم نئون ايندو، پوءِ آئين ۾ ترميم ٿيندي. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ڊگهي عرصي کان هلي رهيو آهي پر اڃا تائين ان جو فيصلو ناهي آيو، ن ليگ اپوزيشن سان صلاح مشوري کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ 3 نالا وزيراعظم کي موڪليا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *