اڳ مشاهد الله ۽ هاڻي پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي: اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاران پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ظلم ڪيو پيو وڃي پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو اصل ۾ خبر ليڪ ڪندڙ ڪو ٻيو آهي پي ٽي آءِ جي احتجاج جو ايترو اڀري اڳيان اچڻ حڪومت جي نااهلي آهي پانامه ليڪس ۾ ايندڙ نالن جو احتساب هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين اخلاقي طور تي حڪمران خاندان جي ڪنهن به ماڻهو کي وزيراعظم جي عهدي تي نه ويهڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته (ن) ليگ جي لاءِ اقتدار پاڪستان ۽ وفاق کان به وڌيڪ قيمتي آهي ان جي لاءِ ملڪي سالميت کان وڌيڪ اقتدار اهم آهي ۽ اهو ملڪ جي بجاءِ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ چاهين ٿا هن چيو ته (ن) ليگ وارا هميشه ڪمزورن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندا آهن. گذريل دفعي مشاهدالله کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو ۽ هاڻي پرويز رشيد کي به انهيءَ سلسلي ۾ ماريو ويو خبر پرويز رشيد ليڪ ناهي ڪئي پر اصل ۾ خبر ليڪ ڪندڙ ڪو ٻيو آهي ان کي هر صورت ۾ بي نقاب ٿيڻ گهرجي. خبر ڏيڻ وارو پرويز رشيد کان وڌيڪ طاقتور آهي. هن چيو ته قومي سلامتي جون ڳالهيون (ن) ليگ جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿينديون آهن پاڪستان پيپلزپارٽي پنج سال گذاريا پر قومي سلامتي جي نالي تي ڪنهن به قسم جو انتشار نه ڦهليو اسان جي خلاف ميموگيٽ اسڪينڊل بڻايو ويو پر ان مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو هن چيونڊيل وزيراعظم کي خط نه لکڻ تي ڊي سيٽ ڪيو ويو حالانڪه قانوني موقف اپنايو ته هو پنهنجي ملڪ جي وزيراعظم کي ڪنهن پرڏيهي مئجسٽريٽ جي سامهون  پيش ڪرڻ جو نٿو چئي سگهي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ايترو اڀري اڳيان آيو جو حڪومت جي نااهلي آهي حڪومت لاڪ ڊائون کان پهريان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ وفاق کي صوبن کان ڪٽي ڇڏيو هن چيو ته وزيراعظم جي تبديلي جي صورت ۾ (ن) ليگ جنهن کي به وزيراعظم بنائڻ چاهي ٿي اهو ان جو اندروني معاملو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي موقف تي قائم آهي ته پانامه ليڪس ۾ ايندڙ نالن جو احتساب هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *