اڳ به پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي به ڏينداسين، وزيراعظم قوم جو ليڊر بڻجي ملڪ کي بحران مان ڪڍي:مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اي پي پي) وڏي وزير جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسان پهرين به پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻ به ايئن ئي ڪنداسين، وزيراعظم قوم جو ليڊر آهي ۽ ان کي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ گهرجي، ملڪ جي هر اشو تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ۽ هر مسئلي کي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڏسڻ گهرجي. اها ڳالهه هن مقامي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي پر هو موجوده ملڪي بحران کي ذاتي مسئلو بڻائي رهيو آهي، ڪنهن چيو ته ان بحران ۾ وزيراعظم جو نالو آهي ان کي گهرجي ته هو ان مسئلي کي وزيراعظم جي حيثيت سان ڏسي ۽ پنهنجن ٻارن جو دفاع ڪرڻ بجاءِ جاچ جو حڪم ڏئي ها. مولابخش چانڊيو چيو ته اپوزيشن جماعتن کي حق آهي ته هو حڪومت جو چيڪ اينڊ بئلنس رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت سيف الرحمان وارو احتساب ڪرڻ چاهي ٿي اسان به پاڪستاني آهيون ملڪي ترقي ۽ وڏن منصوبن ۾ اسان جي ڪوشش به شامل آهي. پاڪ چائنا ڪوريڊور منصوبي ۾ اسان سڀني جي محنت شامل آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ پارليامينٽ ۾ احتساب جي حوالي سان ڳالهه آئي هئي پر اپوزيشن متفق نه ٿي سگهي، ان لاءِ احتساب بل اچي نه سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *