اڳوڻي ڪرڪيٽر عامر حنيف جي پٽ زرياب سليڪشن نه ٿيڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽر عامر حنيف جي پٽ محمد زرياب مبينه طور تي ٽيم ۾ سليڪشن نه ٿيڻ تي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. عامر حنيف مطابق سندس پٽ انڊر 19 ٽيم ۾ کيڏي چڪو هو ۽ وڌيڪ عمر  وارو قرار ڏيڻ سبب پريشان هو.واضح رهي ته گذريل مهيني لاهور ۾ ٿيل انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ محمد زرياب ڪراچي جي نمائندگي ڪئي هئي، ان دوران انجري سبب کيس واپس موڪليو ويو هو ۽ ڪوچز جو چوڻ هو ته کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو جنهن تي دلبرداشته ٿي محمد زرياب گذريل رات خودڪشي ڪري ڇڏي.محمد زرياب جي والد عامر حنيف الزام مڙهيو ته ”سندس پٽ کي ايترو پريشرائيز ڪيو ويو جو هو آپگهات تي مجبور ٿي ويو.“ گڏوگڏ هن درخواست ڪئي ته ”منهنجو پٽ ته هليو ويو پر ٻين جي پٽن کي بچايو وڃي.“ واضح رهي ته محمد زرياب عامر حنيف جو وڏو پٽ ۽ فرسٽ ايئر جو شاگرد هو. زرياب جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس مطابق پوسٽ مارٽم بعد موت جو سبب معلوم ٿي سگهندو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زرياب جي وارثن طرفان پوليس سان ڪو رابطو نه ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *