اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو، اسان جي حڪومت پاڻي ذخيرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو اسان جي حڪومت پاڻي جي ذخيرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، گلوبل وارمنگ به پاڻي جي ذخيرن لاءِ مسئلو آهي پاڻي جي استعمال ۾ سڀني کي ذميواري جو احساس ڏيارڻ گهرجي. پاڻي جي استعمال جي موثر نظام کي پرڏيهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو، هن چيو ته پراڻن وقتن ۾ تهذيب درياهن سان گڏ هلندي هئي زراعت جي شعبي ۾ پاڻي جو بهتر استعمال گهڻو ضروري آهي، صدر چيو ته بلوچستان ۾ سوين ننڍا ڊيم ٺهي رهيا آهن اڄ پاڻي کي ري سائيڪل ڪرڻ جي ضرورت آهي، وضو ڪندي پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *