اڳوڻي چيئرمين اسٽيل ملز سجاد حسين جي قتل جو حڪم ذوالفقار مرزا ۽ نثار مورائي ڏنو: چاچڙ

ڪراچي (اين اين آءِ) فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي تحويل هيٺ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد خان چاچڙ جاچ ڪميٽي آڏو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن ذريعن موجب پيپلزپارٽي قيادت جي ويجهي ساٿي، فشريز جي گرفتار ڊائريڪٽر محمد خان چاچڙ جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته اڳوڻي چيئرمين اسٽيل ملز سجاد حسين جي قتل جو حڪم ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ نثار مورائي سيپٽمبر 1998 تي ڪيفي ڪلفٽن تي سليم عرف سلو جي ذريعي گهرائي ڏنو ڊفينس فيز 8 ۾ فائرنگ ڪري سجاد حسين کي ماريو ويو ته انعام ۾ نثار مورائي 4 لک رپيا ڏنا نومبر 1998 ۾ نثار مورائي وڪيل عمران عزيز کي لاهور ۾ مارڻ جو ٽاسڪ 5 لک رپين سان ڏنو 30 اپريل 1999 تي لاهور ۾ ايڊووڪيٽ عمران عزيز کي ان جي آفيس ويجهو فائرنگ ڪئي جڏهن ته عمران عزيز زخمي جڏهن ته ان جو منشي غلام مصطفي مارجي ويو محمد خان چاچڙ مطابق چيئرمين اسٽيلز سجاد حسين قتل ڪيس ۾ ان کي ٽرائيل ڪورٽ موت جي سزا ڏني هئي پر هن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل فائيل ڪئي ۽ اتان بري ٿي ويو. 2007 ۾ جيل مان آزاد ٿيس ته دبئي اماڻيو ويو جتي 2009 تائين رهيس 2009 ۾ واپس آيس ته نثار مورائي مون کي 5 لک رپيا تي فشريز ۾ ڊائريڪٽر ڀرتي ڪري ورتو محمد خان چاچڙ وڌيڪ انڪشاف ڪيا ته زمين تي قبضي ۾ ارشد شاهه، فريد ابڙو، نثار مورائي، حضوربخش بابر سنڌو ۽ آفتاب پٺاڻ ملوث آهن ڪرپشن مان مليل رقم کي اومني انٽرنيشنل ذريعي ماهوار هڪ کان 4 ڪروڙ رپيا اعليٰ قيادت تائين پهچايا ويندا هئا ايراني تيل جي اسمگلنگ مان حاصل رقم گينگ وار جي استعمال ۾ ٿيندي هئي جوابدار محمد چاچڙ انڪشاف ڪيو ته نثار مورائي ڊفينس جي 27هين اسٽريٽ تي گينگ وار جي ڇاڙتن لاءِ سيف هائوس بڻايو هو جڏهن ته ڏوهن ۽ ڏوهاري ماڻهن لاءِ هڪ بنگلي تي قبضو ڪيو هو جتي سلطان قمر صديقي ۽ ٻيا ڊائريڪٽر به موجود هوندا هئا ۽ اتان زمينن تي قبضي جا معاملا به حل ڪيا ويندا هئا محمد خان چاچڙ ٻڌايو ته ان جي ويجهن ساٿين ۾ سليم عرف سلو، نادر خان مگسي، نثار مورائي، رانا شاهد، ڪامران عباسي عمر جٽ، سلطان قمر صديقي ۽ بابر سنڌو شآمل آهن جي آءِ ٽي جي ميمبرن جوابدارن کي گڏيل جاچ کان پوءِ بليڪ يعني ڏوهاري قرار ڏنو آهي ۽ ان جي انڪشافن تي وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *