اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جي ورسي 14 اپريل تي ملهائي ويندي، پ پ جلسو ڪندي، تياريون مڪمل

ڀان سيدآباد (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي اٺين ورسي 14 اپريل تي اڱاري ڏينهن سندس اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ ملهائي ويندي،  ورسي جي موقعي تي ڳوٺ واهڙ ۾ حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، ورسي جي موقعي تي 14 اپريل جي شام جو ڳوٺ واهڙ ۾ پ پ پ جو هڪ وڏو جلسو پڻ ٿيندو ، جنهن لاءِ سيد عبدالله شاهه جي رهائشگاهه ڀرسان هڪ وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، پنڊال کي سيد عبدالله شاهه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،  آصف علي زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي، ورسي تقريب جي شروعات کان اڳ سيد عبدالله شاهه جو فرزند ۽ ناڻي وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو ايم پي اي سيد عبدالنبي حسنين شاهه ۽ ٻيا سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهرندا، جڏهن ته سيد عبدالله شاهه جي اٺين ورسي جي موقعي تي ورسي تقريبن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ، اسپيڪر سنڌ اسميبلي آغا سراج دراني،صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر، ضلعي ڄامشوري مان چونڊيل پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر،ضلعي دادو مان چونڊيل ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ،اڳوڻو صوبائي وزير پير مظهر الحق، ايم پي اي  سيد غلام شاهه جيلاني۽ ٻيا شرڪت ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *