اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ۾ ڪرپشن جي هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،عدالت ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر علي حسن زرداري،  يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم خلاف ڪرپشن جي هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ چالان پيش ڪيو. عدالت ايف آءِ اي پاران پيش ڪيل چالان منظوري ڪندي ٻنهي اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين گرفتار پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ان کان اڳ 24 ڪيسن ۾ ٻنهي اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني 9 ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *