اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ترڪ خاتون اول جو هار رکڻ تي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو) ايف آئي اي ترڪ عورت جي هار واري معاملي ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي قانوني نوٽيس موڪليو آهي. ذريعن مطابق ايف آئي اي جو ترڪ وزيراعظم جي گهرواري جي هار واري معاملي تي چوڻ آهي ته  جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم اڱاري تائين هار واپس نه ڪيو ته سندس خلاف 403 هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويندو. واضع رهي ته هن وقت جي ترڪ وزيراعظم ۽هاڻوڪي صدر رجب طيب اردگان جي گهرواري پاران 2010ع ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو ڏيندي گم ٿيل هار جو راز ڪجهه ڏينهن اڳ معلوم ٿيو جڏهن ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اهو قبول به ڪيو ته هار سندس وٽ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *