اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد جو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ جي خواهش جو اظهار

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي پر پي سي بي ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين ”اي پي پي” کي ٻڌايو ته اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد پي ايس ايل دوران دبئي ۾ پي سي بي جي آفيشلز سان ملاقات ڪئي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ جي خواهش جو اظهار ڪيو. اختيارين ٻڌايو ته پي سي بي ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو ڇو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقاريونس جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ هلندڙ سال جون يا جولاءِ ۾ ختم ٿيندو. اختيارين ٻڌايو ته ڪوچوقار يونس کي جولاءِ ۾ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ به ڪوچ برقرار رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *