اڳوڻي صدر کي زرداري قبيلي جي پڳ ٻڌرائي وئي، قبيلي جا ماڻهو اتحاد قائم رکن: آصف زرداري

نوابشاهه(ڊ.ر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي زرداري قبيلي جي سرداري پڳ ٻڌرائي وئي، پڳ ٻڌڻ جي تقريب زرداري هائوس نوابشاهه ۾ ٿي، تقريب دوران سيڪيورٽي انتهائس سخت ڪئي وئي، دستاربندي تقريب ۾ 7 قبيلن جي سردارن پڻ شرڪت ڪئي، زرداريقبيلي جي سردار حاڪم علي زرداري جي 2011ع ۾ وفات بعد خالي ٿي هئي، جڏهن ته جانشين آصف علي زرداري کي قرار ڏنو ويو هو، ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته زرداري قبيلي جا ماڻهو پاڻ ۾ اتحاد ۽ تفاق قائم رکن، مون اڳ به زرداري قبيلي کي نااميد ناهي ڪيو نه ئي اڳتي ائين ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *