اڳوڻي صدر پاران عيد الاضحيٰ نوابشاهه ۾ ملهائڻ جو اعلان، جمهوريت مخالفن سان گڏ ناهيون: آصف زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان نئين چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سعيد غني دبئي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. شريڪ چيئرمين عيد الاضحيٰ نواب شاهه ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عيد کان پوءِ وڏي چونڊ مهم هلائينداسين ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ هر صوبي ۾ ويندس. آصف زرداري چيو ته ميان صاحب کي چيو هو ته استعيفيٰ ڏئي نه ته دما دم مست قلندر ٿيندو، عدالتي فيصلي کان پوءِ دما دم مست قلندر جو نعرو عوام ئي لڳايو، هن چيو ته ادارن کي آئيني طريقي سان مضبوط ڪيو، جمهوريت کي نقصان پهچائيندڙ جا رستا آئيني طريقي سان بند ڪيا، هن چيو ته اسان ان شخص سان گڏ ناهيون جيڪو جمهوريت جي خلاف آهي، آرٽيڪل 62 ۽ 63 مخالفت ڪندڙن جي ڳچي ۾ پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *