اڳوڻي صدر نون صوبن جي مخالفت ڪري ڇڏي، عمران خان سياسي ميدان ۾ نابالغ آهي : آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پهريان ئي صوبن جا خرچ پورا نٿا ٿين نون صوبن سان رڳو خرچ وڌندا. الطاف ڀائي کي به پرچائي وٺنداسين، ڌرڻن سان جمهوريت نه معيشت کي خطرو آهي. عمران خان سياست جي ميدان ۾ نابالغ آهي هو آخري حد تي هليو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن، نوان صوبا بڻجڻ سان انتظامي خرچ وڌندا. الطاف حسين کي سياست ۾ نئين پراڊڪٽ لانچ ڪرڻ اچي ٿو سندس موڊ چينج ٿيندو رهندو آهي. الطاف حسين جو موڊ تبديل ڪري وٺنداسين اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اُن جو نتيجو کليل دل سان تسليم ڪريون. آصفعلي زرداري چيو ته ڌرڻي کانپوءِ ميان صاحب نه گهرايو پاڻ ويو هوس. جمهوريت جو تحفظ پيپلزپارٽي جي به ذميواري آهي. ڌرڻن سان جمهويت نه پر معيشت کي خطرو آهي. ميمو گيٽ تي جيڪو نوازشريف ڪيو اُهو سندس فعل نه هو. وفاقي حڪومت سان تعاون ڪري رهيا آهيون اُهو پيپلزپارٽي جو فعل آهي. اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان سياست ميدان ۾ نابالغ آهي. هو ايڪسٽريم پوزيشن تي هليو ويو آهي. عمران خان جڏهن اسپتال لاءِ پلاٽ ورتو تڏهن کيس ڇانگا مانگا ڇو ياد نه آيو. آصف علي زرداري چيو ته هو سمجهي ٿو ته ٽيڪنوڪريٽ ملڪي حالتون بهتر نٿا ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *