اڳوڻي صدر سان سيد قائم علي شاهه جي صوبائي وزيرن سان گڏ ملاقات، ٿر ۾ سمورا آر او پلانٽ سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزيرن ملاقات ڪئي، آصف زرداري صوبائي حڪومت کي ٿر ۾ سمورا آر او پلانٽس سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٿر جي عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي…. بلاول هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين وزيرن اڳوڻي صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٿر ۽ سنڌ جي امن امان واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن دوران صوبائي وزيرن آصف زرداري کي ٿر جي صورتحال تي بريفنگ ڏني… ملاقات دوران پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري صوبائي حڪومت کي ٿر ۾ سمورا آر او پلانٽس سولر انرجي تي منتقل ڪري عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات دوران وڏي وزير قائم علي شاهه وفاق طرفان ترقياتي منصوبن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته وفاق کان منتقل ڪيل ادارن لاءِ اڃا تائين فنڊ ناهن ڏنا ويا، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر جي صورتحال بابت چيو ته پ پ حڪومت جي ٿر ۾ ٿيندڙ فوتگين تي نظر آهي، ٻارڙن جو فوت ٿيڻ بک وگهي نه پر داين ذريعي ويم ٿيڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *