اڳوڻي صدر زرداري جو بلاول کي احتياط کان ڪم وٺڻ ۽ سياست کان ڪجهه وقت جو وقفو ڪرڻ جو مشورو

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي سياسي ڪيريئر جي لانچ جي ٻن مهينن بعد ئي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي احتياط کان ڪم وٺڻ ۽ سياست کان ڪجهه عرصي جو وقفو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. هڪ رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين بلاول هائوس ۾ پنهنجي قيام دوران پارٽي جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول جي بيان سان پيپلزپارٽي جا ايم ڪيو ايم سان ناتا خراب ٿي ويا ۽ هن پنهنجي پٽ کي سياست کان وقتي طور تي پري رهڻ جو مشورو ڏنو. پيپلزپارٽي 6 2 سالا بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي ڪيريئر جو آغاز ڪراچي ۾ 8 1 آڪٽوبر تي ٿيل جلسي دوران ڪرايو هو. ان کان پهريان عيد جي موقعي تي هن ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي مخاطب ڪندي چيو هو ته هو پنهنجي نامعلوم ماڻهن کي سنڀالي رکي، جيڪڏهن سندس ڪارڪنن کي رهنڊ به آئي ته هو سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. ايم ڪيو ايم ان بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي سنڌ جي اتحادي حڪومت کان علحدگي اختيار ڪري ڇڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *