اڳوڻي صدر جي ضمانت منظور، پ پ ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو نه بڻجندي: آصف زرداري

اسلام آباد: (م.ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پپيلز پارٽي جي ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو بنجڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. آصف زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب پراسيڪيوٽر درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. آصف علي زرداري کي نيب جاچ ۾ ريليف ملي ويو. احتساب عدالت نيب جي استدعا رد ڪندي نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب نيويارڪ اپارٽمينٽس ڪيس ۾ آصف زرداري کي گرفتار نٿو ڪري سگهي، گرفتاري لاءِ نيب کي احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻو پوندو. عدالت ۾ پيشي کان پوءِ صحافين پاران اڳوڻي صدر کان سوال ڪيا ويا. هڪ صحافي آصف زرداري کان ان هائوس تبديلي بابت سوال ڪيو. جنهن جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته انشاءَالله بهتر ٿيندو، مان ته چاهيان ٿو ته هي حڪومت پهرين ڏينهن ئي هلي وڃي هي بي عقل آهن هنن کان حڪومت نه هلندي ۽ هاڻ تاريخ به اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. جهڙيون عوام جون حالتون آهن اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کان ڪنهن به شيءَ جي اميد ناهي. پيپلز پارٽي جي ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو بنجڻ جي سوال تي آصف زرداري جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي پر مان سمجهان ٿو ته پ پ ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو نٿي بڻجي سگهي. باقي مولانا فضل الرحمان پهريان به مارچ ڪندو رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف ان هائوس تبديلي جي لاءِ گرين سگنل ڏنو هو جنهن کان پوءِ پارٽي صدر شهبازشريف ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *