اڳوڻي صدر آصف زرداري صدرالدين هاشواڻي کي توهين عزت جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر: اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ملڪ جي وڏي سرمائيدار گروپ هاشو گروپ جي سربراهه صدرالدين هاشواڻي کي توهين عزت جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي هي نوٽيس آصف زرداري جي وڪيل فاروق نائيڪ ذريعي موڪليو ويو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صدرالدين هاشواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي اڳوڻي صدر جو ذڪر اهڙن لفظن ۾ ڪيو آهي جن سان ان جي نيڪ نامي تي اثر پيو آهي، متاثر سمجهي ٿي ته هي الزام هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت لڳايا ويا آهن ان لاءِ ضروري آهي ته انهن الزامن تي معافي گهري وڃي ۽ 14 ڏينهن ۾ جواب ڏنو وڃِ نه ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آصف زرداري جي ترجمان فرحت الله بابر به نوٽيس موڪلڻ جي تصديق ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *