اڳوڻي حڪومت جي غلفت سبب عوام تڪليف ۾ آهي: شھباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مئي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ گھٽتائي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ۽ عوام جي ڏکيائين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ گھٽتائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چيو ته عوام کي جيستائين هن عذاب کان ڇوٽڪارو نٿو ملي، نه پاڻ سڪون سان ويهندس نه ٻين کي ويهڻ ڏيندس. شهباز شريف هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي غلفت سبب عوام تڪليف ۾ آهي، شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو، تيل ۽ گيس جي بندوبست ٿيڻ تائين وقتي قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ وڌاو بجلي فراهم ڪئي هئي، عمران خان حڪومت هڪ نئون يونٽ شامل ناهي ڪيو، اڳوڻي حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گھٽ بجلي ٺاهڻ وارا ڪارخانا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته ان ظلم جي قيمت قوم هر مهيني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪري رهي آهي، عمران حڪومت جو هي ظلم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍڻ جي سازش ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *