اڳوڻين حڪومتن وسيلن جو استعمال غلط ڪيو، ڪرپشن ڪري وزير ارب پتي بڻيا: عابد شير علي

جهنگ (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن وسيلن جو استعمال غلط ڪيو، ڪرپشن ڪري وزير ارب پتي بڻجي ويا، پ پ ڪراچي جو گند ته صاف نه ڪري سگهي ته اسان سان ڪهڙي ڳالهه ڪندي، ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حڪومت صرف افتتاح نٿي ڪري پر ڪم به ڪري ٿي، نواز شريف افتتاح ڪندو رهي ٿو ته مخالف روئڻ شروع ڪن ٿا، پ پ جي اڳوڻي حڪومت واري دور کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عابد شير علي چيو ته گذريل دور ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي جيڪا هاڻ گهٽ ٿي صرف 3 ڪلاڪن تائين پهتي آهي جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ صنعتن کي 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *