اڳوڻو ڪرڪيٽر اقبال قاسم ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اقبال قاسم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.پي سي بي 2018ع ۾ محسن حسن خان جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽ ڪميٽي جوڙي هئي پر گذريل سال محسن حسن خان جي ڪميٽي کان ڌار ٿيڻ بعد چيف ايگزيڪٽو پي سي بي وسيم خان ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو هو.گذريل سال ڊسمبر ۾ وسيم خان ڪميٽي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ گھٽ ميمبرن تي ٻڌل آزاد ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو .۽ هاڻ پاڪستان طرفان 50 ٽيسٽ ۽ 15 ون ڊي ميچون کيڏندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر اقبال قاسم کي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. هن سان گڏوگڏ اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر علي نقوي کي ميمبرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ان کان سواءِ اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ۽ چيف سليڪٽر وومن ڪرڪيٽ ٽيم عروج ممتاز ڪميٽي ۾ برقرار آهن جڏهن ته چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ۽ ڊائرڪيٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان ڪميٽي جا ميمبر هوندا.ان کان اڳ ڪميٽي ۾ ڊائرڪيٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ هارون رشيد ۽ ڊائرڪيٽر اڪيڊميز مدثر نذر به ڪميٽي ۾ شامل هئا.ڪرڪيٽ ڪميٽي جي هر معاملي تي تجويزون تيار ڪري چيئرمين احسان ماني کي موڪليندي.چيف ايگزيڪٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڪميٽي مڪمل آزاد آهي جيڪا پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بهترين لاءِ مشورو ڏيندي.ڪميٽي جي چيئرمين اقبال قاسم جو چوڻ هو ته اهم ذميواريون ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان، ڪميٽي ۾ شامل باصلاحيت ماڻهن سان گڏجي تجويزون تيار ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *