اڳواڻ هڪ نظريي تي هلندو آهي ۽ انهي ئي نظريي سان قوم جي اڳواڻي ڪندو آهي: عمران خان

لاهور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان لاهور جي مقامي هوٽل ۾ هڪ سيمينار سان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي اڄ اڳواڻن جي گهرج آهي پر ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته  پاڪستان ۾ اڳواڻن جي کوٽ آهي،اڳواڻن جو ڏکئي وقت ۾ ئي پتو پوندو آهي. اڳواڻ هڪ نظريي تي هلندو آهي ۽ انهن ئي نظريي سان قوم جي اڳواڻي ڪندو آهي ۽ ڪنهن کان به ناهي ڊچندو. مان نيلسن منڊيلا کي وڏو اڳواڻ سمجهان ٿو.نيلسن منڊيلا پنهنجي اڳواڻي جي ڪري ئي ڏکڻ آفريڪا کي بچايو. عمران خان چيو ته پاڪستان کي هن وقت اڳواڻن جي ضرورت آهي،ڳجهين گڏجاڻين جي نه.نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ نوازشريف ۽ نريندر مودي جي ڳجهي ملاقات ٿي هئي. نوازشريف ان ملاقات ۾ اسٽيبليشمينٽ کان ڊڄي رهيو هو. اڳواڻ لڪي گڏجاڻيون ناهن ڪندا،ان جي هڪ اهليت هوندي آهي. بدقسمتي سان ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڳواڻي نظر ئي نٿي اچي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو غربت آهي. غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ امن پهرين اهميت هجڻ گهرجي. عمران خان چين جو مثال ڏيندي چيو ته چين سڀ کان اڳ ملڪ مان غربت ختم ڪئي. غربت ختم ڪرڻ سان چين جي اوسر وارو ريٽ وڌي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *