اڳئين جمعي تائين سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، مشن آهي ته طاقتور کي ڪمزور ۽ ڪمزور کي طاقتور ڪيو وڃي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي زندگي جو مشن آهي ته طاقتور کي ڪمزور ۽ ڪمزور کي طاقتور ڪيو وڃي، راولپنڊي ۾ ڪو به بدمعاش ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو نٿو ڪري سگھي. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته گذريل سال کان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته راولپنڊي ۾ يونيورسٽي قائم ٿي سگھي. شيخ رشيد چيو ته سي ايس ايس ۾ ٽاپ ڪندڙ عورت راولپنڊي ۾ رڪشا ڊرائيور جي نياڻي آهي، راولپنڊي ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي هجڻ گھرجي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدلقدير خان مون کي چيو هو ته شيخ رشيد ٻارن جي تعليم تي زور ڏجان، دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي شڪست نٿي ڏئي سگھي ڇو جو اسان جي نياڻي پڙهيل لکيل آهي. سندس چوڻ هو ته لئي نالي ، ايڪسپريس وي، رنگ روڊ منصوبو، وومين يونيورسٽي جي منظوري تي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان، انشاءَالله آءِ ٽي يونيورسٽي به بڻائينداسين. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته راولپنڊي ڪينٽونمينٽ ۾ 74 سالن کان ڪا به ڪاليج نه ٺهي، اسان ٺاهي، ڍوڪ حسُو جي ڪاليج ۾ 5 هزار نياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن، 25 ڊسمبر تي نالا لئي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *