اڪشي ۽ سوناڪشي جي ”نمستي انگلينڊ“ جي شوٽنگ آگسٽ ۾ شروع ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اڪشي ڪمار ۽ سوناڪشي سنها هڪ ڀيرو وري فلم ۾ گڏ اچي رهيا آهن ۽ سندن ايندڙ فلم جي شوٽنگ لنڊن ۾ ٿيندي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق فلمساز وپل شاهه پنهنجي ايندڙ فلم” نمستي انگلينڊ“ جي شوٽنگ آگسٽ جي وچ ڌاري شروع ڪندو، جنهن ۾ اڪشي ڪمار ۽ سوناڪشي سنها مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وپل شاهه انهن رپورٽن کي رد ڪيو آهي ته سندس اها فلم ” نمستي لنڊن“ جو سيڪوئل آهي، جنهن ۾ مک ڪردار اڪشي ڪمار ۽ ڪترينا ڪيف ادا ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته ”نمستي انگلينڊ“ جي ڪهاڻي ”نمستي لنڊن“ کان بلڪل مختلف آهي، فلم جي شوٽنگ لنڊن کانسواءِ ممبئي ۽ ڀارتي پنجاب ۾ به ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *