اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي فرد جرم لاڳو

ڪوئيٽا(م.ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ غير حاضري تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف سميت 3 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ڪوئيٽا جي دهشتگردي واري عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته اڳوڻو صدر طبيعت خراب هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو ان لاءِ ان کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي جنهن تي عدالت ميڊيڪل رپورٽ نه جوڙڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن ته درخواستگذار جميل بگٽي جي وڪيل عدلات کي ٻڌايو ته اسان مختلف ٽي وي چئنلن تي ڏٺو آهي ته پرويز مشرف انٽرويو ڏئي ٿو پر عدالت سامهون پيش نه ٿو ٿئي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب احمد خان شيرپائو ۽ صوبائي گهرو وزير شعيب نوشيرواني تي فرد جرم لاڳو ڪندي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *