اڄ اهم ڏينهن آهي، اقتصادي ويزن عوام اڳيان پيش ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڀاڻي اهم ڏينهن آهي، حڪومت پنهنجو اقتصادي ويزن پيش ڪندي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته سڀاڻي حڪومت پنهنجي اقتصادي ايجنڊا عوام سامهون رکڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته پنجن مهينن دوران ادائيگين جي توازن کي منهن ڏنو ويو، اڳوڻي حڪومت جي تباهي پکيڙيندڙ اقتصادي پاليسي سبب پيدا ٿيل مالياتي ايمرجنسي کي منهن ڏنو ويو. فواد چوڌري چيو ته  هاڻي پنهنجو اقتصادي ويزن پيش ڪري رهيا آهيون، 2019ع اصل هدف حاصل ڪرڻ جو سال آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *